2.پطرس 3:2-8 SCLNT

2 آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين انھن ڳالھين کي، جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آھن ۽ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي انھيءَ حڪم کي ياد رکو، جيڪو اوھان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو ھو.

3 سڀ کان پھريائين اوھان کي اھو ڄاڻڻ گھرجي تہ آخري ڏينھن ۾ اھڙا ٺٺوليون ڪندڙ ايندا، جيڪي پنھنجين برين خواھشن موجب ھلندا.

4 اھي چوندا تہ ”انھيءَ وري اچڻ جو واعدو نہ ڪيو ھو ڇا؟ پوءِ ھو ڪٿي آھي؟ ڇالاءِ⁠جو جڏھن کان اسان جا ابا ڏاڏا مري ويا آھن، تڏھن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو ھلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت ھو.“

5 پر ھيءَ ڳالھہ انھن ڄاڻي⁠ٻجھي وساري ڇڏي آھي تہ خدا جي حڪم سان پراڻي زماني کان آسمان موجود آھن ۽ زمين پاڻيءَ منجھان ٺھي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ آھي.

6 پاڻيءَ جي وسيلي انھيءَ زماني جي دنيا پاڻيءَ ۾ ٻڏي چٽ ٿي ويئي.

7 انھيءَ ساڳئي حڪم جي وسيلي موجودہ آسمان ۽ زمين انھيءَ لاءِ بچائي رکيا ويا آھن تہ ساڙيا وڃن. اھي عدالت جي ڏينھن تائين موجود رھندا، جنھن ڏينھن بدڪار ماڻھن کي ناس ڪيو ويندو.

8 پر اي عزيزو! ھيءَ ڳالھہ ڪڏھن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي آڏو ھڪڙو ڏينھن ھزار سالن جي برابر آھي ۽ ھزار سال ھڪڙي ڏينھن جي برابر.