1 ھي خط پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي ٿسلونيڪا شھر جي ڪليسيا ڏانھن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي.
2 خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي ھجي.
3 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.
4 تنھنڪري اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوھان بابت فخر ٿا ڪريون جو جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوھين سھو ٿا، تن سڀني ۾ اوھان جو صبر ۽ ايمان ظاھر ٿو ٿئي.
5 انھن ڳالھين مان ثابت آھي تہ خدا جو انصاف سچو آھي. انھيءَ جي نتيجي ۾ اوھين خدا جي بادشاھت جي لائق ليکبا، جنھن جي لاءِ اوھين ڏک بہ سھو ٿا پيا.
6 خدا عادل آھي. ھو اوھان جي ڏک ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ ڏک ڏيندو