2.ٿسلونيڪين 2:1-6 SCLNT

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ ۽ ھن وٽ اسان جي گڏ ٿيڻ بابت اوھان کي منٿ ٿا ڪريون،

2 تہ اوھين اھو سمجھي ڄڻ تہ خداوند جو ڏينھن اڳي ئي اچي ويو آھي، پنھنجن خيالن ۾ سولائيءَ سان ڊانوانڊول نہ ٿيو. نڪي اوھين پريشان ٿيو، نہ ڪنھن اڳڪٿيءَ کان، نہ ڪنھن افواھہ کان ۽ نہ ڪنھن خط کان جيڪو اسان وٽان آيل سمجھو.

3 ڪنھن بہ طرح ڪنھن ماڻھوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو. ڇالاءِ⁠جو اھو ڏينھن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ماڻھو پھرين خدا کان ڦري نہ وڃن ۽ وڳوڙي ماڻھو جنھن جي پڇاڙي بربادي آھي ظاھر نہ ٿئي.

4 ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو.

5 اوھان کي ياد ناھي ڇا تہ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ھوس، تڏھن اوھان کي اھي ڳالھيون ٻڌائيندو ھوس؟

6 ھاڻ اوھين ڄاڻو ٿا تہ اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا ھن وڳوڙيءَ کي روڪيو بيٺي آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي پوري وقت تي ظاھر ٿئي.