14 ھن اوھان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي انھيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي عظمت ۾ ڀائيوار ٿيو.
15 تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رھو ۽ انھن ڳالھين تي قائم رھو، جيڪي اسان اوھان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آھن.
16 شل اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنھن اسان سان محبت رکي ۽ پنھنجي فضل جي ڪري اسان کي ھميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،
17 سو اوھان جي دلين کي ھمت ڏئي ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ ۽ چوڻ جي طاقت بخشي.