2 ھيءَ بہ دعا گھرو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻھن کان بچيل رھون، ڇالاءِجو سڀ ڪنھن ۾ ايمان ڪونھي.
3 پر خداوند سچو آھي. ھو اوھان کي مضبوط ڪندو ۽ انھيءَ بڇڙي کان بچائيندو.
4 خداوند جا ھئڻ ڪري اسان کي اوھان بابت اھو يقين آھي تہ جيڪي حڪم اسين اوھان کي ڏيون ٿا، تن تي اوھين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رھندا.
5 شل خداوند اوھان جي دلين کي اھڙي ھدايت ڪري جو اوھين خدا جي محبت ۽ مسيح جو صبر حاصل ڪريو.
6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوھان کي حڪم ٿا ڏيون تہ اوھين ھر انھيءَ ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جيڪو اجايو وقت ٿو وڃائي ۽ اسان کان مليل تعليم موجب زندگي نہ ٿو گذاري.
7 اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گھرجي. ڇالاءِجو اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين.
8 ڪنھن جي ماني مفت نہ کاڌيسين بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينھن پورھيو ڪيوسين، انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيون.