2.ٿسلونيڪين 3:3-9 SCLNT

3 پر خداوند سچو آھي. ھو اوھان کي مضبوط ڪندو ۽ انھيءَ بڇڙي کان بچائيندو.

4 خداوند جا ھئڻ ڪري اسان کي اوھان بابت اھو يقين آھي تہ جيڪي حڪم اسين اوھان کي ڏيون ٿا، تن تي اوھين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رھندا.

5 شل خداوند اوھان جي دلين کي اھڙي ھدايت ڪري جو اوھين خدا جي محبت ۽ مسيح جو صبر حاصل ڪريو.

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوھان کي حڪم ٿا ڏيون تہ اوھين ھر انھيءَ ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جيڪو اجايو وقت ٿو وڃائي ۽ اسان کان مليل تعليم موجب زندگي نہ ٿو گذاري.

7 اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گھرجي. ڇالاءِ⁠جو اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين.

8 ڪنھن جي ماني مفت نہ کاڌيسين بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينھن پورھيو ڪيوسين، انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيون.

9 اسان ائين انھيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان کي اھڙي مدد وٺڻ جو حق نہ ھو، بلڪ انھيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوھان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوھين اسان جي پيروي ڪريو.