1 مون بزرگ جي طرفان گايس ڏانھن، جنھن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان.
2 اي پيارا! منھنجي اھا دعا آھي تہ شل تون ائين خوشحال ۽ تندرست ھجين، جيئن تنھنجو روح آھي.
3 جڏھن ڪن ايمان وارن اچي اھا شاھدي ڏني تہ تون سچ جو وفادار آھين ۽ سچائيءَ سان زندگي گذاري رھيو آھين، تڏھن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.
4 منھنجي لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانھي، جڏھن آءٌ ٻڌان تہ منھنجا ٻار سچ تي ھلي رھيا آھن.