2 اي پيارا! منھنجي اھا دعا آھي تہ شل تون ائين خوشحال ۽ تندرست ھجين، جيئن تنھنجو روح آھي.
3 جڏھن ڪن ايمان وارن اچي اھا شاھدي ڏني تہ تون سچ جو وفادار آھين ۽ سچائيءَ سان زندگي گذاري رھيو آھين، تڏھن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.
4 منھنجي لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانھي، جڏھن آءٌ ٻڌان تہ منھنجا ٻار سچ تي ھلي رھيا آھن.
5 اي پيارا! جيڪي ايمان وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنھنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آھن، تڏھن بہ تون سچائيءَ سان انھن جي خدمت ڪرين ٿو.
6 ڪليسيا جي اڳيان انھن تنھنجي پيار جي شاھدي ڏني آھي. اھو چڱو ٿيندو جيڪڏھن تون اھڙيءَ طرح سندن مدد ڪري سفر لاءِ روانو ڪندين جھڙيءَ طرح خدا کي جڳائي.
7 ڇالاءِجو ھو مسيح جي نالي تي نڪتا آھن ۽ جيڪي ايماندار نہ آھن، تن جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون.
8 تہ پوءِ اسان کي اھڙن ماڻھن جي مدد ڪرڻ گھرجي، تہ جيئن اسين ھن سچائيءَ جي ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.