اِفسين 2:1-7 SCLNT

1 گذريل وقت ۾ اوھين پنھنجين نافرمانين ۽ گناھن جي ڪري مئل ھئا.

2 انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن.

3 ان وقت اسين سڀيئي بہ انھن سان گڏ پنھنجي انساني فطرت جي جسماني خواھشن موجب زندگي گذاريندا ھئاسين ۽ پنھنجي جسم ۽ دل جون خواھشون پوريون ڪندا ھئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين سڀني وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار ھئاسين.

4 پر خدا، جيڪو رحم سان ڀرپور آھي تنھن پنھنجي گھڻي پيار سببان جيڪو ھن اسان سان ڪيو،

5 اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏھن تہ اسين اڃا ڏوھن جي ڪري مئل ھئاسين. خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھين بچي ويا آھيو.

6 خدا اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏ اٿاريو ۽ ھن سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي آسماني جاين تي ساڻس گڏ ويھاريائين.

7 انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي انھيءَ مھربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح جي ڪري اسان تي آھي، ايندڙ زمانن ۾ پنھنجي فضل جي بي⁠انداز دولت کي ظاھر ڪري.