اِفسين 2:10-16 SCLNT

10 ڇالاءِ⁠جو اسين خدا جي ڪاريگري آھيون. ھن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري انھن چڱن ڪمن لاءِ پيدا ڪيو جيڪي ھن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا ھئا.

11 تنھنڪري ياد رکو تہ اڳي پيدائشي طور اوھين غير قوم ھئا ۽ جيڪي ماڻھو جسماني طور ھٿ سان ڪرايل طھر جي ڪري پاڻ کي طھريل ٿا سڏين، سي اوھان کي اڻ⁠طھريل سڏيندا ھئا.

12 انھيءَ وقت اوھين مسيح کان ڌار ۽ بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاھر ھئا. اوھين خدا جي واعدي ڪيل عھدن کان اڻ⁠واقف، دنيا ۾ نااميد ۽ خدا کان جدا زندگي گذاريندا ھئا.

13 پر اوھين جيڪي پھريائين گھڻو پري ھئا سي ھاڻي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري سندس رت جي وسيلي ويجھو ٿي پيا آھيو.

14 ڇالاءِ⁠جو مسيح ئي اسان جو صلح آھي، جنھن يھودين ۽ غير يھودين ٻنھي کي ھڪ ڪري ڇڏيو. ھن جدائيءَ جي ڀت جيڪا وچ ۾ ھئي سا ڊاھي ڇڏي، جنھن ٻنھي کي ھڪ ٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏيو ھو.

15 سو ھن اھا دشمني جيڪا شريعت جي حڪمن وارن قانونن ۾ ھئي سا پنھنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏي، تہ جيئن کين پاڻ سان ملائي ٻنھي مان ھڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي.

16 مسيح پنھنجي صليبي موت جي وسيلي انھن جي دشمني ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻنھي کي ھڪڙو بدن ڪري خدا سان ملائي ڇڏيائين.