اِفسين 2:3-9 SCLNT

3 ان وقت اسين سڀيئي بہ انھن سان گڏ پنھنجي انساني فطرت جي جسماني خواھشن موجب زندگي گذاريندا ھئاسين ۽ پنھنجي جسم ۽ دل جون خواھشون پوريون ڪندا ھئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين سڀني وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار ھئاسين.

4 پر خدا، جيڪو رحم سان ڀرپور آھي تنھن پنھنجي گھڻي پيار سببان جيڪو ھن اسان سان ڪيو،

5 اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏھن تہ اسين اڃا ڏوھن جي ڪري مئل ھئاسين. خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھين بچي ويا آھيو.

6 خدا اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏ اٿاريو ۽ ھن سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي آسماني جاين تي ساڻس گڏ ويھاريائين.

7 انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي انھيءَ مھربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح جي ڪري اسان تي آھي، ايندڙ زمانن ۾ پنھنجي فضل جي بي⁠انداز دولت کي ظاھر ڪري.

8 ڇالاءِ⁠جو خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھان کي ايمان جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آھي. اھو اوھان جي ڪوششن جي ڪري نہ آھي، بلڪ خدا جي بخشش آھي،

9 سو اھو اوھان جي عملن جي ڪري نہ آھي جو متان ڪو فخر ڪري.