1 انھيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوھان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي ڪري قيدي آھيان، دعا ٿو گھران.
2 اوھان ٻڌو ھوندو تہ خدا اوھان لاءِ پنھنجي فضل جو خاص ڪم منھنجي حوالي ڪيو آھي.
3 خدا پنھنجو ھي راز الھام جي ذريعي مون کي ٻڌايو، جنھن جو احوال مختصر طور اڳي ئي اوھان ڏانھن لکيو اٿم.
4 جنھن کي پڙھي اوھين ڄاڻي سگھو ٿا تہ آءٌ مسيح جو اھو راز ڪيتري قدر سمجھان ٿو.
5 اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.
6 اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن.
7 خدا جي فضل جي انھيءَ بخشش سان، جيڪا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي ھئي، آءٌ انھيءَ خوشخبريءَ جو خادم بڻايو ويس.