اِفسين 3:6-12 SCLNT

6 اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن.

7 خدا جي فضل جي انھيءَ بخشش سان، جيڪا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي ھئي، آءٌ انھيءَ خوشخبريءَ جو خادم بڻايو ويس.

8 جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي⁠انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان،

9 ۽ سڀني ماڻھن تي اھا ڳالھہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل ھو تنھن جو انتظام ڪھڙو آھي.

10 خدا جو مقصد ھو تہ ھاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت انھن حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آھن.

11 ھي سڀ خدا جي انھيءَ ازلي ارادي موجب ٿيو، جيڪو ھن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.

12 مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ۽ مٿس ايمان آڻڻ جي ڪري دليريءَ ۽ ڀروسي سان خدا جي حضور ۾ اسان کي پھچ حاصل ٿئي ٿي.