25 تنھنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوھان مان ھر ڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالھائي، ڇاڪاڻتہ اسين سڀ ھڪ ئي بدن جا عضوا آھيون.
26 جيڪڏھن اوھان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناھہ نہ ڪريو ۽ سج لھڻ تائين اوھان کي ڪاوڙ نہ رھي.
27 شيطان کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيو.
28 چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، بلڪ چڱو ڪم اختيار ڪندي پنھنجن ھٿن سان محنت ڪري تہ جيئن ڪنھن محتاج کي ڏيڻ لاءِ وٽس ڪجھہ ھجي.
29 اوھان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالھہ نہ نڪري. پر اھڙي ڳالھہ نڪري جيڪا ضرورت مطابق ٻين جي سڌاري جو سبب بڻجي تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انھيءَ مان برڪت حاصل ٿئي.
30 انھيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو. ڇالاءِجو اھو روح اوھان تي انھيءَ ڏينھن لاءِ خدا جي مُھر آھي، جنھن ڏينھن تي اوھان جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿيندو.
31 ھر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، گوڙ ۽ گلا کي ھر طرح جي بدخواھيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو.