اِفسين 4:8-14 SCLNT

8 جنھن ڪري پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ”جڏھن ھو مٿي چڙھي ويو،تڏھن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو،۽ ماڻھن کي سوکڙيون ڏنائين.“

9 ھاڻي سندس مٿي چڙھي وڃڻ جو مطلب ھن کان سواءِ ٻيو ڇا آھي تہ ھو پھريائين ھيٺ زمين تي بہ لٿو.

10 ھو جيڪو ھيٺ لٿو سو اھو ساڳيو ئي آھي جيڪو سڀني آسمانن کان بہ تمام مٿي چڙھي ويو، انھيءَ لاءِ تہ ھو سموري ڪائنات کي ڀرپور ڪري.

11 ھن ڪن کي رسول، ڪن کي نبي، ڪن کي خوشخبري ڏيندڙ، ڪن کي پاسبان ۽ استاد مقرر ڪري ڏنو.

12 انھيءَ لاءِ تہ خدا جي سڄي قوم خدمت جي ڪم لاءِ تيار ٿئي، تہ جيئن مسيح جو بدن يعني ڪليسيا ترقي ڪري.

13 ايستائين جو اسين سڀ خدا جي فرزند کي ڄاڻڻ ۽ مٿس ايمان رکڻ ۾ ھڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. اھڙيءَ طرح اسين ايمان ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون.

14 انھيءَ کان پوءِ اڳتي اسين ٻارڙا نہ رھون ۽ ماڻھن جي ٺڳي ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراھہ ڪندڙ منصوبن پٺيان ھر قسم جي تعليم جي جھوٽي سان ڇولين وانگر ھيڏي ھوڏي گھلبا ۽ لڙھندا نہ وتون.