1 اوھين خدا جا پيارا ٻار آھيو، تنھنڪري سندس پيروي ڪريو
2 ۽ پيار ڀري زندگي گذاريو، جھڙيءَ طرح مسيح اسان کي پيار ڏنو ۽ اسان جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.
3 پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِجو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.
4 بيشرمي، اجائي بڪ بڪ ۽ گندي چرچي بازي نہ ھئڻ کپي. اھي نالائقيءَ جھڙيون ڳالھيون آھن، پر اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.
5 اوھين پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار يا ناپاڪ يا لالچي ماڻھو جيڪو حقيقت ۾ بتپرست آھي، تنھن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاھيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونھي.
6 متان ڪو ماڻھو سکڻيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ٺڳي وڃي، ڇالاءِجو اھڙن گناھن جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.
7 تنھنڪري اوھين انھن جا شريڪ نہ ٿيو.