13 تنھنڪري خدا جا سڀ ھٿيار ٻڌو، تہ جيئن برائيءَ جي ڏينھن ۾ مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رھو.
14 تہ پوءِ ثابت قدم رھو، سچ جو سندرو چيلھہ سان ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جي زرہ ڍڪيو.
15 پنھنجي پيرن ۾ اھا جتي پائي تيار رھو، جنھن جي ڪري صلح جي خوشخبري ٻڌائي سگھو.
16 انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڍال کڻو، جنھن سان اوھين انھيءَ بدڪار يعني شيطان جا سڀ ٻرندڙ تير اُجھائي سگھو.
17 ڇوٽڪاري جو لوھو ٽوپ ۽ پاڪ روح جي تلوار يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو.
18 پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.
19 منھنجي لاءِ بہ دعا ڪريو تہ ڳالھائڻ وقت مون کي ڪلام ٻڌائڻ جي توفيق ملي، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاھر ڪريان.