طيطس 1:1-6 SCLNT

1 ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جو ٻانھو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. آءٌ انھيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آھيان تہ خدا جي چونڊيلن جي ايمان ڏانھن رھنمائي ڪريان ۽ کين انھيءَ سچائيءَ جي سڃاڻپ ڪرايان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.

2 انھيءَ ايمان ۽ سڃاڻپ جو بنياد دائمي زندگيءَ جي اميد تي رکيل آھي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالھائي نہ ٿو سگھي، تنھن ازل کان وٺي اھڙي زندگيءَ جو واعدو ڪيو.

3 سو ھن مناسب وقت تي پنھنجي ڪلام کي انھيءَ تبليغ جي وسيلي ظاھر ڪيو، جيڪا اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي حڪم سان منھنجي حوالي ڪئي ويئي.

4 ھي خط طيطس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان ۾ شريڪ ھئڻ ڪري منھنجو سچو فرزند آھي.شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

5 مون تو کي ڪريتي ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏيو ھو تہ تون باقي رھيل ڳالھين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن ھر ھڪ شھر ۾ بزرگ مقرر ڪرين.

6 ھر بزرگ بي⁠عيب ھجي ۽ ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجي. سندس ٻار ايمان وارا ھجن ۽ بدچاليءَ ۽ نافرمانيءَ جي تھمت کان پاڪ ھجن.