طيطس 1:5-11 SCLNT

5 مون تو کي ڪريتي ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏيو ھو تہ تون باقي رھيل ڳالھين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن ھر ھڪ شھر ۾ بزرگ مقرر ڪرين.

6 ھر بزرگ بي⁠عيب ھجي ۽ ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجي. سندس ٻار ايمان وارا ھجن ۽ بدچاليءَ ۽ نافرمانيءَ جي تھمت کان پاڪ ھجن.

7 ڇالاءِ⁠جو نگھبان، جيڪو خدا جو خدمتگار آھي، سو بي⁠عيب ھئڻ گھرجي. ھو نہ ھٺيلو ھجي، نہ چيڙاڪ، نہ شرابي ھجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري ناجائز نفعي جو لالچي ھجي.

8 اٽلندو ھو مھمان⁠نواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پاڪ ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ھجي.

9 ھن کي گھرجي تہ انھيءَ ڀروسي جھڙي ڪلام تي قائم رھي، جيڪو کيس سيکاريو ويو آھي. اھڙيءَ طرح ھو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ٿو ۽ مخالفن کي قائل بہ ڪري سگھي ٿو.

10 ڇالاءِ⁠جو گھڻا ئي ماڻھو نافرمان، اجائي بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آھن، خاص ڪري انھن مان جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين.

11 انھن جو وات بند ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ناجائز نفعي جي خاطر نامناسب ڳالھيون سيکاري گھرن جا گھر ڦٽائي ٿا ڇڏين.