1 پر تون اھي ڳالھيون بيان ڪندو رھہ، جيڪي صحيح تعليم جي موافق آھن.
2 پوڙھن مردن کي سمجھاءِ تہ اھي پرھيزگار، مانائتا ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين ۽ ايمان، محبت ۽ صبر تي قائم رھن.
3 ساڳيءَ طرح پوڙھين عورتن کي سمجھاءِ تہ اھي ھلت چلت ۾ پاڪيزہ ھجن. اھي گلا ڪندڙ يا مئي جون عادي نہ ھجن، بلڪ چڱيون ڳالھيون سيکارڻ واريون ھجن.
4 انھيءَ ڪري جو اھي جوان عورتن کي تربيت ڏين تہ پنھنجن مڙسن ۽ ٻارن سان پيار ڪن،
5 سمجھُو ۽ پاڪدامن ھجن، گھر ۾ ڪم ڪار ڪندڙ، مھربان ۽ پنھنجن مڙسن جون تابعدار ھجن تہ جيئن خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.