6 ساڳي ئي طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اھي پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين.
7 سڀني ڳالھين ۾ تون پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار. تنھنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاھر ٿئي.
8 اھڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ ھجي، انھيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻھو اسان تي عيب لائڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندو ٿئي.
9 غلامن کي نصيحت ڪر تہ ھر ڳالھہ ۾ پنھنجن مالڪن جي تابع رھن، کين خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ساڻن گستاخي نہ ڪن.
10 نہ ئي اھي چوري چڪاري ڪن، بلڪ ھر طرح سان چڱا ۽ ديانتدار ٿي پيش اچن، انھيءَ لاءِ تہ اھي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي تعليم کي ھر طرح سان سينگاريندا رھن.
11 ڇالاءِجو خدا جو اھو فضل ظاھر ٿيو آھي، جيڪو سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جو باعث آھي.
12 اھو اسان کي سيکاري ٿو تہ بدڪاريءَ ۽ دنياوي خواھشن کان انڪار ڪري ھن موجودہ دنيا ۾ پرھيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.