طيطس 3:1-7 SCLNT

1 ماڻھن کي ياد ڏيار تہ حاڪمن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رھن، سندن حڪم مڃين ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رھن.

2 انھن کي سمجھاءِ تہ ڪنھن جي بہ گلا غيبت نہ ڪن، نہ ئي جھيڙو ڪندڙ ٿين، بلڪ نرم طبيعت جا ٿين ۽ سڀني ماڻھن سان پوري حليمائيءَ سان پيش اچن.

3 ڇالاءِ⁠جو اسين بہ ڪنھن وقت نادان، نافرمان، گمراھہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواھشن ۽ عياشين جا غلام ھئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا ھئاسين، نفرت جي لائق ھئاسين ۽ ھڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا ھئاسين.

4 پر جڏھن اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي مھرباني ۽ انسان لاءِ سندس محبت ظاھر ٿي،

5 تڏھن ھن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اھو اسان جي سچائيءَ جي ڪمن ڪرڻ ڪري نہ، بلڪ سندس رحم جي ڪري ٿيو. ھن اسان کي روحاني طور نئين سر پيدا ڪرڻ جي غسل ۽ پاڪ روح سان نئين زندگي ڏيڻ جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو.

6 اھو روح اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جھجھي انداز ۾ اسان تي اوتيو.

7 انھيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري سچار بڻجون ۽ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنھن جي اسين اميد رکون ٿا.