7 انھيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري سچار بڻجون ۽ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنھن جي اسين اميد رکون ٿا.
8 اھا ڳالھہ سچي آھي.سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن.
9 پر بيوقوفيءَ جي بحث مباحثن، نسبنامن، جھيڙن جھڳڙن ۽ شريعت بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇالاءِجو اھي بيفائدا ۽ اجايا آھن.
10 تفرقا پيدا ڪندڙ ماڻھوءَ کي پھريون ۽ پوءِ ٻيو دفعو بہ نصيحت ڪر، تنھن کان پوءِ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.
11 تون ڄاڻي ڇڏ تہ اھڙو ماڻھو بگڙيل ۽ گنھگار آھي ۽ پاڻ کي ڏوھي ٿو ٺھرائي.
12 جڏھن آءٌ ارتماس يا تُخِڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏھن تون مون وٽ نڪوپلس شھر ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪج، ڇالاءِجو مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
13 زيناس وڪيل ۽ اپلوس کي اھڙي بندوبست سان روانو ڪج جيئن ھو ڪنھن شيءِ جا محتاج نہ ھجن.