طيطس 3:8-14 SCLNT

8 اھا ڳالھہ سچي آھي.سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن.

9 پر بي⁠وقوفيءَ جي بحث مباحثن، نسب⁠نامن، جھيڙن جھڳڙن ۽ شريعت بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو اھي بي⁠فائدا ۽ اجايا آھن.

10 تفرقا پيدا ڪندڙ ماڻھوءَ کي پھريون ۽ پوءِ ٻيو دفعو بہ نصيحت ڪر، تنھن کان پوءِ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.

11 تون ڄاڻي ڇڏ تہ اھڙو ماڻھو بگڙيل ۽ گنھگار آھي ۽ پاڻ کي ڏوھي ٿو ٺھرائي.

12 جڏھن آءٌ ارتماس يا تُخِڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏھن تون مون وٽ نڪوپلس شھر ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪج، ڇالاءِ⁠جو مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

13 زيناس وڪيل ۽ اپلوس کي اھڙي بندوبست سان روانو ڪج جيئن ھو ڪنھن شيءِ جا محتاج نہ ھجن.

14 اسان جي ماڻھن کي بہ گھرجي تہ چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول رھڻ سکن، انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجين توڙي ٻين جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بي⁠فائدہ زندگي نہ گذارين.