2 ۽ اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاھي ارخپس ڏانھن موڪلجي ٿو. انھيءَ کان سواءِ ھي تنھنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا ڏانھن پڻ آھي.
3 شل اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي اوھان تي ٿيندي رھي.
4 جڏھن بہ آءٌ دعا ٿو گھران، تڏھن تو کي ياد ٿو رکان ۽ ھميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان.
5 ڇاڪاڻتہ آءٌ تنھنجي باري ۾ ٻڌندو آھيان تہ تون خداوند عيسيٰ سان محبت ڪرين ٿو ۽ مٿس ايمان رکين ٿو ۽ سڀني ايمان وارن سان بہ محبت ڪرين ٿو.
6 منھنجي دعا آھي تہ تون سرگرميءَ سان پنھنجو عقيدو ونڊين، ڇوتہ ائين ڪرڻ سان اسان ۾ موجود مسيح وارين برڪتن جي تو ۾ پوري پوري ڄاڻ پيدا ٿيندي.
7 تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻتہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.
8 آءٌ مسيح جي ڪري ايترو دلير ٿي سگھيس ٿي جو تو کي ان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪريان جيڪو تو کي ڪرڻو آھي.