19 اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھا ڳالھہ ياد رکو تہ ھر ھڪ ماڻھو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالھائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي.
20 ڇالاءِجو ماڻھوءَ جي ڪاوڙ مان اھڙا ڪم ٿي نہ ٿا سگھن جيڪي خدا جي سچائيءَ موجب آھن.
21 تنھنڪري سموري گندگيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي ڪثرت کي پري اڇلائي، نماڻائيءَ سان انھيءَ ڪلام کي قبول ڪريو، جيڪو اوھان ۾ پوکيل آھي ۽ جيڪو اوھان کي بچائي ٿو سگھي.
22 پاڪ ڪلام جا رڳو ٻڌندڙ نہ ٿيو، ڇوتہ ائين اوھين پنھنجو پاڻ کي ٺڳيو ٿا. اوھين انھيءَ ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو.
23 ڇالاءِجو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪلام کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پنھنجي ظاھري شڪل آئيني ۾ ٿو ڏسي.
24 ھو پاڻ کي ڏسي ھليو وڃي ٿو ۽ جلد ئي وساري ٿو ڇڏي تہ ھو ڪيئن ھو.
25 پر جيڪو ماڻھو آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي غور سان ڏسندو ٿو رھي، سو ٻُڌي ڪري وسارڻ وارو ناھي، بلڪ عمل ڪرڻ وارو آھي ۽ اھو ئي پنھنجن ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.