23 ڇالاءِجو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪلام کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پنھنجي ظاھري شڪل آئيني ۾ ٿو ڏسي.
24 ھو پاڻ کي ڏسي ھليو وڃي ٿو ۽ جلد ئي وساري ٿو ڇڏي تہ ھو ڪيئن ھو.
25 پر جيڪو ماڻھو آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي غور سان ڏسندو ٿو رھي، سو ٻُڌي ڪري وسارڻ وارو ناھي، بلڪ عمل ڪرڻ وارو آھي ۽ اھو ئي پنھنجن ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.
26 جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي ۽ پنھنجي زبان کي لغام نہ ٿو ڏئي تہ اھو پاڻ کي ٺڳي ٿو ۽ سندس دينداري اجائي آھي.
27 اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بيعيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رننزالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.