5 جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِجو خدا سڀني کي بيانداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي.
6 پر جڏھن ھو گھري تہ مٿس ويساھہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي. ڇالاءِجو جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انھيءَ ڇوليءَ وانگر آھي، جيڪا ھوا سان ڌڪجي ۽ اڇلجي ٿي.
7 اھڙو ماڻھو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجھہ ملندو.
8 ڇالاءِجو اھو ٻہدليو ماڻھو آھي، جيڪو پنھنجي ڪنھن بہ ڳالھہ تي قائم نہ ٿو رھي.
9 مسڪين ايمان واري کي پنھنجي اعليٰ مرتبي تي فخر ڪرڻ گھرجي.
10 پر دولتمند کي ھيٺاھين درجي تي فخر ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِجو ھو گاھہ جي گل وانگر ڪومائجي ويندو.
11 ھن ڪري جو سج اڀرڻ سان جھولو شروع ٿئي ٿو ۽ اھو گاھہ کي سڪائي ٿو ڇڏي. گاھہ جو گل ڇڻيو پوي ۽ سندس خوبصورتي ختم ٿيو وڃي. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻھو بہ پنھنجو ڌنڌو ڪندي ڪندي زوال ھيٺ اچي ويندو.