يعقوب 1:7-13 SCLNT

7 اھڙو ماڻھو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجھہ ملندو.

8 ڇالاءِ⁠جو اھو ٻہ⁠دليو ماڻھو آھي، جيڪو پنھنجي ڪنھن بہ ڳالھہ تي قائم نہ ٿو رھي.

9 مسڪين ايمان واري کي پنھنجي اعليٰ مرتبي تي فخر ڪرڻ گھرجي.

10 پر دولتمند کي ھيٺاھين درجي تي فخر ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو ھو گاھہ جي گل وانگر ڪومائجي ويندو.

11 ھن ڪري جو سج اڀرڻ سان جھولو شروع ٿئي ٿو ۽ اھو گاھہ کي سڪائي ٿو ڇڏي. گاھہ جو گل ڇڻيو پوي ۽ سندس خوبصورتي ختم ٿيو وڃي. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻھو بہ پنھنجو ڌنڌو ڪندي ڪندي زوال ھيٺ اچي ويندو.

12 سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.

13 جيڪڏھن ڪو ماڻھو آزمائش ۾ پوي تڏھن کيس ائين چوڻ نہ گھرجي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آزمايو ٿو وڃان.“ ڇالاءِ⁠جو خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنھن ماڻھوءَ کي ٿو آزمائي.