19 تون ايمان ٿو آڻين تہ خدا ھڪڙو آھي، ٺيڪ آھي. اھا ڳالھہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اھي ڏڪن بہ ٿا.
20 پر اي بيوقوف ماڻھو! ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھي سگھين تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آھي؟
21 ڇا اسان جو پيءُ ابراھيم عمل جي ڪري سچار نہ بڻايو ويو، جڏھن ھن پنھنجي پٽ اسحاق کي قربانگاھہ تي نذر ٿي ڪيو؟
22 ھاڻي تون سمجھي ٿو سگھين تہ ابراھيم جي ايمان سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس ايمان ڪامل ٿيو.
23 اھڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اھا ڳالھہ پوري ٿي تہ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو۽ اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو.“ انھيءَ ڪري ھو خدا جو دوست سڏيو ويو.
24 سو اوھين ڏسو ٿا تہ ماڻھو رڳو ايمان جي ڪري نہ، بلڪ عمل جي ڪري سچار ٿو بڻجي.
25 ساڳي ئي طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي ھئي، تنھن بہ جڏھن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ کين ٻئي رستي کان روانو ڪري ڇڏيو، تڏھن ڇا ھوءَ پنھنجن عملن جي ڪري سچار نہ بڻي؟