4 تڏھن ڇا اوھان پاڻ ۾ طرفداري نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوھين بري نيت وارا منصف نہ ٿيا؟
5 منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا خدا ھن دنيا جي غريب ماڻھن کي ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ انھيءَ بادشاھت جا وارث ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آھي، جنھن جو ھن پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي؟
6 پر اوھان غريبن کي بيعزت ڪيو آھي. مگر ڇا دولتمند اوھان تي ظلم نہ ٿا ڪن؟ ڇا اھي اوھان کي ڪورٽ ۾ گھلي وٺي نہ ٿا وڃن؟
7 ڇا ھو اھي ئي نہ آھن، جيڪي انھيءَ عزت واري نالي بابت ڪفر ٿا بڪن، جنھن سان اوھين سڏيا ٿا وڃو.
8 تنھن ھوندي بہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ”پنھنجي پاڙيسريءَ سانپاڻ جھڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏھن اوھين اھا شاھي شريعت پوري ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.
9 پر جيڪڏھن اوھين طرفداري ٿا ڪريو تہ گناھہ ٿا ڪريو ۽ شريعت اوھان کي ڏوھاري ثابت ڪري ٿي.
10 ڇالاءِجو جيڪو ساري شريعت تي عمل ڪري ٿو، پر رڳو ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ خطا ٿو ڪري تہ اھو ساري شريعت جي ڀڃڪڙي ڪري ڏوھي ٿيو.