1 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان مان گھڻا استاد ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي استاد آھيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.
2 اسين سڀيئي گھڻين ئي ڳالھين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڳالھائڻ ۾ ڪڏھن بہ خطا نہ ٿو ڪري تہ اھو ڪامل آھي ۽ پنھنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.
3 جڏھن اسين گھوڙن کي تابعدار بنائڻ لاءِ سندن وات ۾ لغام ٿا وجھون، تڏھن انھن جي سڄي بدن کي بہ ڦيري ٿا سگھون.
4 سامونڊي جھازن جو ئي کڻي مثال وٺو، جيتوڻيڪ اھي تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز ھوائن سان ڌڪجي ٿا ھلن، تڏھن بہ تمام ننڍي ونجھہ جي وسيلي، انھن کي ھلائڻ وارو جيڏانھن بہ چاھي ڦيرائي ٿو سگھي.
5 ساڳيءَ طرح زبان بہ ھڪڙو ننڍو عضوو آھي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي ھڻي. غور ڪريو تہ ھڪ ننڍڙي چڻنگ جي وسيلي ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باھہ ٿي لڳي.
6 زبان حقيقت ۾ ھڪ باھہ آھي. اھا اسان جي عضون منجھہ بڇڙائيءَ جو ھڪ جھان آھي. زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي ساري چرخي کي باھہ ٿي لڳائي، ڇالاءِجو کيس ئي دوزخ کان باھہ ٿي لڳي.