يعقوب 4:5-11 SCLNT

5 ڇا اوھين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آھي تہ ”جيڪو پاڪ روح ھن اسان ۾ رھڻ لاءِ وڌو، سو سخت غيرتمند آھي؟“

6 پر خدا اسان کي وڌيڪ فضل ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري،پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“

7 تنھنڪري پاڻ کي خدا جي تابع رکو. شيطان جو مقابلو ڪريو تہ ھو اوھان وٽان ڀڄي ويندو.

8 خدا جي ويجھو وڃو تہ ھو اوھان جي ويجھو ايندو. اي گنھگارو! پنھنجا ھٿ ڌوئو. اي ٻہ⁠دليؤ! پنھنجين دلين کي پاڪ ڪريو.

9 افسوس ڪريو، سوڳ ڪريو ۽ روئو. اوھين پنھنجو کلڻ روئڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾.

10 خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي سربلند ڪندو.

11 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي عيب⁠جوئي نہ ڪريو. جيڪو پنھنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالھائي، يا مٿس ڪا تھمت ٿو ھڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالھائي ۽ ان تي تھمت ٿو ھڻي. ھاڻي جڏھن تون شريعت تي تھمت ٿو ھڻين تڏھن تون شريعت تي عمل ڪرڻ وارو نہ، بلڪ انھيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارو بڻجي ويٺو آھين.