يعقوب 4:6-12 SCLNT

6 پر خدا اسان کي وڌيڪ فضل ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري،پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“

7 تنھنڪري پاڻ کي خدا جي تابع رکو. شيطان جو مقابلو ڪريو تہ ھو اوھان وٽان ڀڄي ويندو.

8 خدا جي ويجھو وڃو تہ ھو اوھان جي ويجھو ايندو. اي گنھگارو! پنھنجا ھٿ ڌوئو. اي ٻہ⁠دليؤ! پنھنجين دلين کي پاڪ ڪريو.

9 افسوس ڪريو، سوڳ ڪريو ۽ روئو. اوھين پنھنجو کلڻ روئڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾.

10 خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي سربلند ڪندو.

11 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي عيب⁠جوئي نہ ڪريو. جيڪو پنھنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالھائي، يا مٿس ڪا تھمت ٿو ھڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالھائي ۽ ان تي تھمت ٿو ھڻي. ھاڻي جڏھن تون شريعت تي تھمت ٿو ھڻين تڏھن تون شريعت تي عمل ڪرڻ وارو نہ، بلڪ انھيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارو بڻجي ويٺو آھين.

12 شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو ھڪڙو آھي. اھو ئي بچائي ۽ ماري ٿو سگھي. پر تون آھين ڪير جو پنھنجي پاڙيسريءَ تي تھمت ٿو ھڻين؟