12 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان پھرين ڳالھہ ھيءَ آھي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو نہ زمين جو ۽ نہ وري ڪنھن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوھان کي ”ھائو“ جي جاءِ تي ”ھائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوھين سزا ھيٺ نہ اچو.
13 ڇا اوھان مان ڪو ماڻھو تڪليف ۾ آھي؟ انھيءَ کي دعا گھرڻ کپي. ڇا ڪو خوش آھي؟ انھيءَ کي تعريف جا گيت ڳائڻ گھرجن.
14 ڇا اوھان مان ڪو بيمار آھي؟ اھو ڪليسيا جي بزرگن کي گھرائي ۽ اھي بزرگ خداوند جي نالي ۾ انھيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي مٿس دعا گھرن.
15 اھڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند انھيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏھن ھن گناھہ ڪيا ھوندا تہ کيس انھن جي بہ معافي ملندي.
16 تنھنڪري پنھنجا گناھہ ھڪ ٻئي اڳيان باسيو ۽ ھڪ ٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇالاءِجو سچار ماڻھوءَ جي دعا نھايت اثر واري ٿئي ٿي.
17 الياس نبي بہ اسان جھڙي طبيعت جو ماڻھو ھو. ھن دلوجان سان دعا گھري تہ مينھن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين زمين تي مينھن نہ پيو.
18 وري جڏھن ھن دعا گھري تڏھن آسمان مان مينھن پيو ۽ زمين پنھنجا فصل اپايا.