17 پر اي عزيزو! اھي ڳالھيون ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رسولن اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيون آھن.
18 اُھي اوھان کي چوندا ھئا تہ ”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻھو ھوندا، جيڪي پنھنجين بدڪاريءَ وارين خواھشن جي پيروي ڪندا.“
19 ھي اُھي ماڻھو آھن جيڪي جدايون ٿا وجھن. ھي نفسپرست آھن جن ۾ پاڪ روح نہ آھي.
20 پر اي عزيزو! اوھين پنھنجي نھايت ئي پاڪ ايمان ۾ مضبوط ٿيندا رھو ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندا رھو.
21 پنھنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو ۽ ھميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رھو.
22 جيڪي ماڻھو شڪ شبھو رکن ٿا، تن تي رحم ڪجو.
23 ڪن کي ڇڪي باھہ مان ڪڍي بچايو ۽ ٻين تي خوف کائيندي رحم ڪريو. پر جسماني خواھشن وسيلي پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.