5 جيتوڻيڪ اوھين اڳي ئي اھو سڀ ڄاڻو ٿا، تنھن ھوندي بہ آءٌ اوھان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاھيان تہ ڪيئن خداوند ھڪ قوم کي مصر ملڪ مان بچائي ورتو ۽ پوءِ وري جن ايمان نہ آندو تن کي تباھہ ڪيائين.
6 اھڙيءَ طرح جن ملائڪن پنھنجي اختيار واري حيثيت قائم نہ رکي پر پنھنجي خاص رھڻ جي جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري عظيم ڏينھن واري عدالت تائين اونداھيءَ منجھہ رکيو آھي.
7 ساڳئي نموني سدوم ۽ عموراہ ۽ انھن جي آسپاس وارا شھر زناڪاري ۽ بدفعليءَ جي پٺيان پيا. اُھي دائمي باھہ جي سزا پيا ڀوڳين تہ جيئن ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿين.
8 بلڪل ساڳئي نموني اھي ماڻھو بہ پنھنجن خوابن خيالن ۾ محو ٿي پنھنجن جسمن کي ناپاڪ ٿا ڪن، اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ عظيم آسماني ھستين جي بيحرمتي ٿا ڪن.
9 مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“
10 پر ھي ماڻھو انھن ڳالھين تي ڦٽڪار ٿا ڪن، جن کي ھو نہ ٿا ڄاڻن ۽ جن ڳالھين کي ھو بيعقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجھن. اھي ئي کين تباھہ ڪن ٿيون.
11 افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِجو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا.