1 ھي خط پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آھي.
2 ڪلسي شھر ۾ رھندڙ انھن ايمان وارن ڏانھن ھي خط لکجي ٿو، جيڪي مسيح جا وفادار پوئلڳ آھن.شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.
3 اسين جڏھن بہ اوھان لاءِ دعا ٿا گھرون، تڏھن ھميشہ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي پيءُ، يعني خدا جا شڪرانا بجاءِ ٿا آڻيون.
4 ڇالاءِجو اسان ٻڌو آھي تہ اوھان عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آھي ۽ خدا جي سڄي قوم سان محبت ٿا رکو.