12 خدا پيءُ جا شڪرانا ڪندا رھو، جنھن اوھان کي روشنيءَ واري بادشاھت ۾ پنھنجي قوم سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آھي.
13 ھن اسان کي اونداھيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنھنجي پياري فرزند جي بادشاھت ۾ آندو،
14 جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو، يعني گناھن جي معافي ملي آھي.
15 خدا جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنھن جي ظاھري صورت مسيح آھي. ھو ساري مخلوقات کان مٿاھون آھي.
16 ڇالاءِجو ھن جي وسيلي سڀ شيون، آسمان ۾ توڙي زمين تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ پيدا ڪيون ويون. تخت ھجن توڙي طاقتون، حڪومتون ھجن توڙي اختياريون، سموريون شيون ھن جي وسيلي ۽ ھن جي لاءِ پيدا ٿيون آھن.
17 اھو ئي سڀني شين کان اڳي موجود آھي ۽ سڀ شيون ھن سان گڏ ھئڻ ڪري قائم رھن ٿيون.
18 اھو ئي بدن، يعني ڪليسيا جو سر آھي. اھو ئي منڍ آھي ۽ اھو ئي پھريون شخص آھي جيڪو مئلن منجھان جي اٿيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ ھن کي اول درجو ھجي.