ڪلسين 1:20-26 SCLNT

20 خدا چاھيو ٿي تہ مسيح جي صليب تي وھايل رت جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان صحيح رابطو قائم ڪري، پوءِ اھي زمين تي ھجن توڙي آسمان ۾.

21 ڪنھن وقت اوھين خدا کان ڇڄي ڌار ٿيل ھئا ۽ پنھنجن بڇڙن ڪمن جي ڪري پنھنجيءَ دل ۾ سندس دشمن ٿي پيا ھئا.

22 پر ھاڻي ھن اوھان کي مسيح جي جسماني موت جي وسيلي پاڻ سان صحيح رابطي ۾ آندو آھي. انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي پاڪ، بي⁠عيب ۽ بي⁠ڏوھہ بڻائي پنھنجي حضور ۾ حاضر ڪري،

23 بشرطيڪ اوھين پنھنجي ايمان جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رھو ۽ جيڪا خوشخبري اوھان ٻڌي آھي تنھن جي اميد نہ ڇڏيو. انھيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان ھيٺان رھندڙ ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪئي ويئي آھي، جنھن جو آءٌ پولس خادم ٿيو آھيان.

24 ھاڻي آءٌ انھن ڏکن جي ڪري خوش آھيان، جيڪي اوھان جي خاطر پيو سھان. اھڙيءَ طرح آءٌ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنھنجي جسم ۾ پوري پيو ڪريان.

25 آءٌ خدا جي ڏنل اختياريءَ موجب ڪليسيا جو خادم ٿيو آھيان، تہ جيئن خدا جي ڪلام کي اوھان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان.

26 انھيءَ پيغام ۾ ھڪ راز آھي، جيڪو زمانن ۽ پيڙھين کان ڳجھو رکيو ويو ھو. پر ھاڻي اھو خدا جي قوم تي ظاھر ڪيو ويو آھي.