26 انھيءَ پيغام ۾ ھڪ راز آھي، جيڪو زمانن ۽ پيڙھين کان ڳجھو رکيو ويو ھو. پر ھاڻي اھو خدا جي قوم تي ظاھر ڪيو ويو آھي.
27 انھن تي خدا اھو ظاھر ڪرڻ ٿي چاھيو تہ انھيءَ راز جي جلال ڀري دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ آھي. اھو راز ھي آھي تہ مسيح اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھا ڳالھہ اچڻ واري جلال جي اميد آھي.
28 اسين ھن جي ئي منادي ٿا ڪريون ۽ پوريءَ ڏاھپ سان ھر ڪنھن کي نصيحت ڪريون ۽ سيکاريون ٿا، تہ جيئن ھرھڪ کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ڪامل بڻائي پيش ڪريون.
29 انھيءَ مقصد لاءِ آءٌ سندس انھيءَ طاقت موجب جانفشانيءَ سان محنت ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.