ڪلسين 1:3-9 SCLNT

3 اسين جڏھن بہ اوھان لاءِ دعا ٿا گھرون، تڏھن ھميشہ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي پيءُ، يعني خدا جا شڪرانا بجاءِ ٿا آڻيون.

4 ڇالاءِ⁠جو اسان ٻڌو آھي تہ اوھان عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آھي ۽ خدا جي سڄي قوم سان محبت ٿا رکو.

5 اوھان جي انھيءَ ايمان ۽ محبت جو مدار انھيءَ اميد تي آھي، جيڪا خدا اوھان لاءِ آسمان ۾ پوري ڪندو ۽ جنھن جو ذڪر اوھان اڳي ئي خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻڌو آھي.

6 اھا خوشخبري اوھان ڏانھن آيل آھي. جھڙيءَ طرح سڄيءَ دنيا ۾ تھڙيءَ طرح انھيءَ ڏينھن کان وٺي اوھان ۾ بہ اھا ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رھي، جڏھن اوھان ان کي ٻڌو ۽ حقيقت ۾ خدا جي فضل کي سمجھيو.

7 انھيءَ جي تعليم اوھان اسان جي پياري ھم⁠خدمت اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان جي پاران مسيح جو وفادار خادم آھي.

8 ھن اسان کي اوھان جي انھيءَ محبت بابت بہ ٻڌايو، جيڪا پاڪ روح کان اوھان کي ملي آھي.

9 انھيءَ ڪري جنھن ڏينھن کان وٺي اسان اوھان جي باري ۾ ٻڌو آھي، اوھان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ ھي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل ھو سموري روحاني سياڻپ ۽ سمجھہ وسيلي اوھان کي پنھنجي مرضيءَ جي سڃاڻپ سان ڀري ڇڏي.