1 آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي خبر پوي تہ اوھان لاءِ، لوديڪيا ۾ رھندڙن لاءِ ۽ انھن سڀني لاءِ جن ذاتي طور منھنجو منھن نہ ڏٺو آھي، آءٌ ڪيتري قدر سخت محنت ٿو ڪريان.
2 اھو آءٌ ھن ڪري ٿو ڪريان تہ سندن دلين ۾ ھمت پيدا ٿئي ۽ اھي محبت سان پاڻ ۾ ھڪ ٿي رھن ۽ پوري سمجھہ جي ڀرپور دولت حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز، يعني مسيح کان واقف ٿين.
3 ھن ۾ ئي ڏاھپ ۽ علم جا سڀ خزانا لڪل آھن.
4 ھي آءٌ انھيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻھو گمراھہ ڪندڙ مٺڙيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ڀلائي نہ وجھي.