20 جڏھن اوھين مسيح سان گڏ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن بنسبت مري ويا آھيو، تہ پوءِ ڇو اھڙي زندگي ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوھين ھن دنيا جا آھيو؟ ڇو اھڙن قاعدن جي تابعداري ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا تہ
21 ھن شيءِ کي ھٿ نہ لايو، ھن کي نہ چکو، ھن کي نہ ڇُھو؟
22 اھي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان ناس ٿي وڃن ٿيون ۽ اھڙي قسم جا حڪم ۽ اھڙي تعليم انسانن جي ٺاھيل آھي.
23 اھڙا قانون حقيقت ۾ پنھنجي ٺاھيل عبادت، ڪُوڙي نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي رستي سياڻپ جو رڳو ڏيک رکن ٿا، پر جسماني خواھشن کي روڪڻ لاءِ اھي ڪنھن بہ ڪم جا نہ آھن.