1 تنھنڪري جڏھن تہ اوھين مسيح سان گڏ جياريا ويا آھيو، تڏھن انھن شين جي ڳولا ۾ رھو جيڪي آسمان ۾ آھن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آھي.
2 اوھين انھن شين سان دل لڳايو جيڪي آسمان ۾ آھن، نہ انھن سان جيڪي زمين تي آھن،
3 ڇالاءِجو اوھين مري ويا آھيو ۽ اوھان جي زندگي ھاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آھي.
4 جڏھن مسيح، جيڪو اوھان جي زندگي آھي، سو ظاھر ٿيندو تڏھن اوھين بہ ساڻس گڏ جلوي ۾ ظاھر ٿي پوندا.