ڪلسين 3:11-17 SCLNT

11 اتي نہ ڪو يوناني آھي نہ يھودي، نہ ڪو طھريل آھي نہ اڻ⁠طھريل، نہ ڪو جھنگلي آھي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آھي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آھي ۽ اوھان سڀني ۾ آھي.

12 تنھنڪري جيئن خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آھيو، تيئن رحمدليءَ، مھربانيءَ، نِوڙت، حليمائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو.

13 جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪنھن ڏانھن رنج ھجي تہ ھڪ ٻئي جي برداشت ڪريو ۽ ھڪ ٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوھان کي معاف ڪيو آھي تيئن اوھين بہ ڪريو.

14 انھن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌو، جيڪا انھن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي.

15 مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.

16 مسيح جي ڪلام کي پاڻ ۾ جھجھي انداز ۾ رھڻ ڏيو ۽ پوريءَ سياڻپ سان ھڪ ٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو.

17 اوھين جيڪي⁠بہ ڪريو، چوڻ يا ڪم ڪرڻ، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس ئي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيو.