15 مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.
16 مسيح جي ڪلام کي پاڻ ۾ جھجھي انداز ۾ رھڻ ڏيو ۽ پوريءَ سياڻپ سان ھڪ ٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو.
17 اوھين جيڪيبہ ڪريو، چوڻ يا ڪم ڪرڻ، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس ئي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيو.
18 اي زالون! پنھنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رھو، ڇوتہ خداوند جون ھئڻ ڪري اوھان لاءِ اھو مناسب آھي.
19 اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو ۽ انھن تي سختي نہ ڪريو.
20 اي ٻارؤ! ھر ڳالھہ ۾ پنھنجي ماءُپيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِجو اھا ڳالھہ خداوند کي ڏاڍي پسند آھي.
21 اي پيئرؤ! پنھنجن ٻارن کي ڪڪ نہ ڪريو، متان ھو بيھمت ٿي پون.