4 جڏھن مسيح، جيڪو اوھان جي زندگي آھي، سو ظاھر ٿيندو تڏھن اوھين بہ ساڻس گڏ جلوي ۾ ظاھر ٿي پوندا.
5 تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوتپرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بتپرستيءَ جي برابر آھي.
6 ڇالاءِجو انھن ڳالھين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.
7 اڳي اوھان ۾ بہ اھڙيون خواھشون ھيون، جڏھن اوھين انھن موجب زندگي گذاريندا ھئا.
8 پر ھاڻي اوھين اھڙيون سڀ ڳالھيون يعني ڪاوڙ، غضب، بدخواھي، گلا ۽ گاريون ڏيڻ ڇڏي ڏيو.
9 ھڪ ٻئي سان ڪوڙ نہ ڳالھايو، ڇوتہ اوھان پراڻي انسانيت کي سندس عادتن سميت لاھي ڇڏيو آھي،
10 ۽ نئين انسانيت کي پھري ڇڏيو آھي، جيڪا خدا جي پوري ڄاڻ سان پنھنجي خالق جي صورت موافق نئين ٿيندي ٿي وڃي.