17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين سڀيئي گڏجي مون وانگر ھلو ۽ انھن ماڻھن کي ڌيان ۾ رکو، جيڪي اھڙي نموني ٿا ھلن جھڙو اسان اوھان کي ڏنو آھي.
18 ڇالاءِجو گھڻا ئي اھڙا آھن، جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ھاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اھي پنھنجي ھلت چلت سان مسيح جي صليب جا دشمن آھن.
19 انھن جي پڇاڙي بربادي آھي، انھن جو خدا سندن پيٽ آھي، اھي پنھنجي شرم وارين ڳالھين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رھي.
20 پر اسان جو وطن آسمان تي آھي ۽ اسين وڏي چاھہ سان ھڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان اچڻ جو انتظار ٿا ڪريون.
21 ھو پنھنجي انھيءَ قوت سان، جنھن ذريعي ھر شيءِ کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنھنجي جلال واري بدن جي صورت جھڙو ڪندو.