فلپين 3 SCLNT

حقيقي سچائي

1 آخر ۾، اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين خوش رھو. ساڳيون ڳالھيون اوھان ڏانھن وري لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو انھيءَ ۾ اوھان جي لاءِ سلامتي آھي.

2 ڪتن کان خبردار رھجو، يعني انھن ماڻھن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ جيڪي بدن کي وڍائڻ لاءِ زور ٿا ڪن.

3 ڇالاءِ⁠جو حقيقي طھر ڪرايل اسين آھيون، جيڪي خدا جي روح جي وسيلي سندس عبادت ڪريون ٿا. اسين عيسيٰ مسيح تي فخر ٿا ڪريون ۽ جسماني ڳالھين تي ويساھہ نہ ٿا رکون،

4 جيتوڻيڪ آءٌ اھڙين ڳالھين تي بہ ويساھہ رکي ٿو سگھان.جيڪڏھن ڪو ٻيو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ھو جسماني ڳالھين تي ويساھہ رکي ٿو سگھي، تہ آءٌ انھيءَ کان بہ وڌيڪ رکي ٿو سگھان.

5 انھيءَ لاءِ جو اٺين ڏينھن منھنجو طھر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل جي قوم ۽ بنيامين جي قبيلي ۾ پيدا ٿيس، آءٌ عبرانين جو پڪو عبراني ۽ شريعت جي لحاظ کان فريسي ھوس.

6 مذھبي جوش جي لحاظ کان ڪليسيا جو ستائيندڙ ھوس ۽ جيستائين شريعت جي سچائيءَ جو سوال آھي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي⁠عيب ھوس.

7 پر جيڪي ⁠بہ ڳالھيون منھنجي فائدي جون ھيون، سي مون مسيح جي خاطر نقصان سمجھيون آھن.

8 سچ تہ آءٌ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ واري وڏي خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ ھر ھڪ شيءِ کي نقصان واري ٿو سمجھان. ھن جي خاطر مون سڀني شين جو نقصان سٺو آھي ۽ انھن کي آءٌ گند ٿو ڄاڻان، انھيءَ لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،

9 ۽ ھن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان، پنھنجي انھيءَ سچائيءَ رکڻ سان نہ جيڪا شريعت کان آھي، پر انھيءَ سچائيءَ سبب جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. اھا سچائي ايمان جي ڪري خدا کان ملي ٿي.

10 آءٌ چاھيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻان. آءٌ ھن جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو تجربو حاصل ڪرڻ ۽ سندس موت ۾ ھن وانگر ٿيڻ چاھيان ٿو.

11 انھيءَ لاءِ تہ من ڪنھن طرح مئلن منجھان جي اٿڻ جي درجي کي حاصل ڪريان.

منزل ڏانھن ڊوڙڻ

12 آءٌ ھي نہ ٿو چوان تہ اھا منزل اڳي ئي حاصل ڪئي اٿم، يا آءٌ اڳي ئي ڪامل ٿي چڪو آھيان، پر انھيءَ شيءِ کي ھٿ ڪرڻ لاءِ اڳتي ڪاھيندو ٿو وڃان، جنھن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي ھٿ ڪيو ھو.

13 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ ڪو اڃا تائين مون اھا شيءِ ھٿ ڪئي آھي. پر ھڪ ڳالھہ سو آءٌ ڪريان ٿو تہ جيڪي شيون پٺتي رھجي ويون آھن تن کي وساري، جيڪي اڳيان آھن تن ڏانھن زور لڳائيندو وڌندو پيو وڃان.

14 سو آءٌ انھيءَ نشان ڏانھن ڪاھيندو ٿو وڃان، تہ جيئن اھو انعام کٽان جنھن لاءِ خدا مون کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي آسمان ڏانھن سڏيو آھي.

15 تنھنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آھن، تن کي اھو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏھن ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھان جو ڪو ٻيو خيال ھجي تہ خدا انھيءَ کي بہ اوھان تي ظاھر ڪندو.

16 پر اسان کي رڳو ايترو ڪرڻ کپي تہ جنھن منزل تائين پھتا آھيون، تنھن موجب ھلندا ھلون.

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين سڀيئي گڏجي مون وانگر ھلو ۽ انھن ماڻھن کي ڌيان ۾ رکو، جيڪي اھڙي نموني ٿا ھلن جھڙو اسان اوھان کي ڏنو آھي.

18 ڇالاءِ⁠جو گھڻا ئي اھڙا آھن، جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ھاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اھي پنھنجي ھلت چلت سان مسيح جي صليب جا دشمن آھن.

19 انھن جي پڇاڙي بربادي آھي، انھن جو خدا سندن پيٽ آھي، اھي پنھنجي شرم وارين ڳالھين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رھي.

20 پر اسان جو وطن آسمان تي آھي ۽ اسين وڏي چاھہ سان ھڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان اچڻ جو انتظار ٿا ڪريون.

21 ھو پنھنجي انھيءَ قوت سان، جنھن ذريعي ھر شيءِ کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنھنجي جلال واري بدن جي صورت جھڙو ڪندو.

بابن

1 2 3 4